ماڌوري جي پُٽ ڪينسر جي مريضن لاءِ وار عطيو ڪري ڇڏيا

ناليواري ڀارتي اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ جي پُٽ ريان نين ڪينسر جي مريضن کي پنهنجا وار عطيو ڪري ڇڏيا.

ماڌوري ڊڪشٽ جي 16 سالن جي پُٽ ريان نين ڪينسر جي مريضن جي لاءِ خاص طور تي پنهنجا وار وڏا ڪيا هئا.

اداڪارا فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پُٽ جي وار ڪٽرائڻ جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.

هن اهڙي عمل تي پنهنجي پُٽ کي هيرو قرار ڏنو، وڊيو جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته ڪينسر جي عالمي ڏينهن تي هوءَ ڪجهه خاص شيئر ڪرڻ چاهي ٿي.

هن لکيو ته ريان کي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏسي ڏک ٿيو هو ته اهي ڪينسر سان جنگ وڙهي رهيا هئا.

ماڌوري چيو ته اهڙا مريض پنهنجا وار وڃائي ويهندا آهن، منهنجي پُٽ ڪينسر سوسائٽي کي پنهنجا وار عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

اداڪارا ٻڌايو ته اسان ماءُ پيءُ جي حيثيت سان ان جي اهڙي فيصلي مان تمام گهڻو خوش هئاسين.

هن لکيو ته منهنجي پُٽ کي وارن جي گهربل ڊيگهه لاءِ لڳ ڀڳ کيس 2 سال لڳي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.