بحرين سان ڊگهي عرصي وارا پائيدار لاڳاپا چاهيون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجود چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان گڏ ڊگهي عرصي ۽ پائيدار لاڳاپن جو خواهشمند آهي.

آرمي چيف سان بحرين جي نمائندي ڪونسل جي اسپيڪر فوزيا بنت عبدالله ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، افغانستان جي موجودا سيڪيورٽي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان ٻه طرفي رابطن جي روايت برقرار رکڻ چاهي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته بحرين سان ڊگهي عرصي وارا ۽ پائيدار لاڳاپا چاهيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.