گهٽ آمدني وارن جي مدد ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪنهن حڪومت به گهٽ آمدني واري ماڻهن جيمدد نه ڪئي، اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح گهٽ آمدني واري ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي.

اسلام آباد ۾ فراش ٽائون اپارٽمينٽ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ڪنهن حڪومت به گهٽ آمدني واري ماڻهن جيمدد نه ڪئي، نه ئي بينڪن مان گهرن جي اڏاوتن لاءِ قرض کڻڻ تي ڪنهن غور ڪيو، امير ماڻهو ته سولائي سان گهر اڏي سگهن ٿا پر غريب ماڻهن جي لاءِ گهر ٺاهڻ وڏو مسئلو هوندو آهي.

هن چيو ته اسان ٻن لڳايا ۽ بينڪن کي قرض ڏيڻ تي راضي ڪيو، هاڻي غريب طبقو به گهر ٺاهي سگهي ٿو، بينڪن پهريون ڀيرو گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض ڏئي رهيو آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان تعميراتي شعبي کي 90 سيڪڙو ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني آهي، پهرين هڪ لڪ گهرن جي لاءِ حڪومت ٽن لکن جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، جنهن کي ماڻهن کي قرضن واري قسط ڏيڻ ۾ سولائي ٿيندي.

تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت ۾ 10 سيڪڙو، ملائيشيا ۾ 30 سيڪڙو جڏهن ته مغربي ملڪن ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي گهر بينڪن کان قرض وٺي ٺاهيا ويندا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ 2018 ۾ 0.2 سيڪڙو گهرن کي قرض مليا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.