ڪهڙي وقت کيرو کائڻ سان نقصان ٿي سگھي ٿو؟

کيرو جسم کي پاڻي فراهم ڪندو آهي ۽ مختلف قسمن جي وٽامنز ۽ منرلز سان ڀرپور به هوندو آهي.

اهو اضافي جسماني وزن گھٽائڻ ۾ به مدد ڏيندو آهي، جڏهن ته ان ۾ موجود وٽامن بي، پوٽاشيئم ۽ ميگنيشيم موجود هوندا آهن.

پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته بي وقت کيرو کائڻ سان نقصان به ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن اوهان ان حوالي سان نٿا ڄاڻو ته هي آرٽيڪل ضرور پڙهو.

بي وقت کيرو کائڻ جي حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته رات جو  کيرو کائڻ سان ننڊ ۾ خلل پيدا ٿي سگھي ٿو.

کيري ۾ پاڻي جو سٺو مقدار هوندو آهي ان ڪري ان جي استعمال سان رات جو هر هر پيشاب سبب ننڊ خراب ٿي سگھي ٿي.

واضح رهي ته طبي ۽ غذائي ماهرن طرفان رات جو سمهڻ کان اڳ گھڻو پاڻي پيئڻ کان به منع ڪيو ويندو آهي.

ان کان سواءِ روزانو هڪ گلاس کيري جو پاڻي پيئڻ جي عادت بي وقت بک جي روڪٿام ڪندو آهي جڏهن ته پيٽ کي هڪ  وقت کان ٻئي وقت جي کاڌي تائين برقرار رکندو آهي.

اهڙيءَ طرح جسم کي واڌو ڪيلوريز کان بچائيندو آهي ۽ ٿولهه ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي آهي.

واضح رهي ته وٽامنز ۽ منرلز حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو کيرو آهي جيڪو جسم کي مختلف وٽامنز ۽ منرلز فراهم ڪندو آهي جيڪو گڏيل طور تي صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.