”ووٽنگ مشين بابت سڀ اعتراض ختم ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تياري ڪري“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اليڪشن ڪميشن جا سڀ اعتراض ختم ٿي چڪا آهن.

خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اين اي 133 ۽ ٻين ضمني اليڪشن ۾ اسان کي گهرجي ته اِي وي ايم جو استعمال ڪيون.

هن چيو ته پارليامينٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي، ايندڙ چونڊون اِي وي ايم تي ئي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي تياري ڪري، ڏکيائيون ختم ڪيون وينديون.

وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جا سڀ خدشا ختم ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن ڪو ٻيو به اعتراض آهي ته ختم ڪنداسين.

فواد چوڌري چيو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ٺاهينديون آهن، اليڪشن ڪميشن اشتهار ڏئي گهڻيون ڪمپنيون اچي وينديون.

سندس اهو به چوڻ هو ته موبائل فون هلائڻ واري مشين جي لاءِ خاص ٽريننگ جي ضرورت نه هوندي.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ وڏي عرصي کان اِي وي ايم استعمال ٿي رهي آهي پر آئي ووٽنگ ناهي، انٽرنيٽ ووٽنگ جي سهولت ڏيڻ وارو پاڪستان پهريون ملڪ هوندو، جنهن جو پروسيجر مڪمل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.