”ڪي پي ۾ پيپلزپارٽي جا گجگوڙ، عمران خان جي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي“

نوشهرا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري خيبر پختونخواهه جي شهر نوشهرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

نوشهرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته نوشهرا جي عوام کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا توهان کي تبديلي پسند آئي؟ عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ عوام جا حق ضبط ڪيا پيا وڃن اها تبديلي نه پر تباهي آهي.

هن چيو ته عمران خان نوجوانن سان واعدو ڪيو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو، ڇا عمران خان نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون؟ هن حڪومت ۾لکين ماڻهن کان روزگار کَسيو ويو، هيءَ حڪومت نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بدران انهن کان روزگار کَسي رهي آهي.

بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته هاڻي عمران خان جي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي، جيالا ان جي گهر ۾ گهري کيس شڪست ڏيندا.

پيپلزپارٽي چيئرمين جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي جيالا سليڪٽڊ تبديلي سرڪار کي للڪاريندا ۽ عوام جي چونڊيل حڪومت ٺاهي رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.