دونهون ڪڍندڙ گاڏين تي 2 هزار رپيا ڏنڊ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ)ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ هوائي گدلاڻ ۾ واڌ ڪندڙن خلاف ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنجاب ۾ زهريلي دونهين بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته دونهون ڇڏيندڙ گاڏين تي 2 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

اجلاس ۾فيصلو ڪيو ويو آهي ته پنجاب ۾ فصل ساڙڻ تي 50 هزار رپيا ڏنڊ هوندو، فيڪٽرين مان دونهين جي نيڪالي تي 50 هزار کان هڪ لک رپين تائين ڏنڊ هوندو.

فيصلي موجب سڀني کاتن کي 50 سيڪڙو گاڏيون گهٽ هلائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جا سڀ اختيار ڊپٽي ڪمشنر کي منتقل ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.