ويوو جو نئون 5 جي فون متعارف

ويوو هڪ نئون مڊرينج سمارٽ فون واءِ 54 ايس متعارف ڪرائي ڇڏيو.

ويوو واءِ 54 ايس 5 جي ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 700 پراسيسر موجود آهي جيڪو 5 جي سپورٽ فراهم ڪري ٿو.

فون جي اندر 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جڏهن ته ورچوئل ريم جو به فيچر ان ڊوائيس جو حصو آهي جنهن سان ريم پاور ۾ وڌيڪ 2 جي بي جو اضافو ٿي وڃي ٿو.

واءِ 54 ايس ۾ 6.51 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي ڏني وئي آهي جنهن ۾ واٽر ڊراپ ۾ 8 ميگا پڪسل ڪيمرا لڪيل آحي.

ڊوائيس ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي جنهن سان گڏ 18 واٽ چارجنگ سپورٽ يو ايس بي سي پورٽ ذريعي فراهم ڪئي وئي آهي.

فون ۾ ڊوئل سم سلاٽ اسٽنڊ باءِ سپورٽ سان گڏ آهي جڏهن ته هيڊ فون جيڪ، فنگر پرنٽ اسڪينر ۽ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم (کي اويجن او ايس 1.0 سان ليس ڪيو ويو آهي).

فون جي بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ 13 ميگا پڪسل پرائمري ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرائن تي ٻڌل آهي.

ان فون کي سڀ کان اڳ چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن جي قيمت 1699 يو آنب (46 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.