جيڪب آباد: اوڏ برادري جو عورت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

جيڪب آباد ۾ اوڏ برادري  پاران خيرپور ۾ قتل ڪيل عورت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

هڪ هفتو اڳ خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي ۾ مقتولا مورزادي اوڏ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  اوڏ برادري پاران  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي مقتولا جي ڀاءُ راجيش ڪمار،  ماءُ نظيران، ڀيڻ انيتا ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته  ھڪ ھفتو اڳ اسان جي نياڻي مورزادي اوڏ کي مڙس سريش ڪمار پنھنجن ڀائرن سان گڏجي قتل ڪيو آھي، پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

احتجاج ڪندڙن ڊي آءِ سنڌ، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نياڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.