ملير ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انجينئرنگ ڪاليج تعمير ڪرائي رهيا آهيون: ساجد جوکيو

سنڌ جي سوشل ويلفيئر بابت وزير ساجد جوکيو چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ، ترقي ۽ تعليم لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي پاران SMB قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇنو  ملير ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ساجد جوکيو چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ، ترقي ۽ تعليم لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ٻارن جو عالمي ڏينهن ٻارن سان گڏ ملهايو وڃي ۽ ٻارن جي حقن بابت والدين کي آگاهي ڏيڻ گهرجي، ڪوشش آهي ته تعليم کي وڌ کان وڌ بهتر بڻايو وڃي.

هن چيو ته ملير ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آهي، ملير جي ٻارن سان ڪو به مقابلو نٿو ڪري سگهي،ملير ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انجينئرنگ ڪاليج تعمير ڪرائي رهيا آهيون، ويڪٽينري ڪاليج جي ضرورت آهي جنهن لاءِ به ڪوششون ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.