جرمني ۽ هالينڊ، افغان جي صحت ۽ تعليم کاتي جون پگهارون پاڻ ادا ڪندا

اٿينس(ويب ڊيسڪ)جرمني جي پرڏيهي آفيس چيو آهي ته جرمني ۽ نيدرلينڊ افغانستان جي تعليم ۽ صحت کاتي جي اسٽاف جون پگهارون پاڻ ادا ڪندا.

افغان ملازمن جي پگهارن جي لاءِ ڏنل امداد طالبان حڪومت کي نه ڏني ويندي.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد به استادن ۽ ڊاڪٽرن جون پگهارون سِڌي ريت پهچڻ جي تصديق ڪئي آهي.

افغانستان جي لاءِ جرمني ۽ نيدرلينڊ جي خاص نمائندن وفد سان گڏجي گذريل ڏينهن افغان نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر ۽ نگران پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.