شاگردياڻين کي پاس ڪرڻ جو ڏٺو ڏئي زيادتي ڪرڻ جي الزام ۾ پروفيسر گرفتار

ملتان(ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ خانگي ڪاليج جي پروفيسر کي مبينا طور شاگرديانين سان زيادتي ڪرڻ ۽ بليڪ ميل ڪري رقم گهرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب هڪ متاثر شاگردياڻي لکت ۾ آگاهه ڪيو آهي ته پروفيسر سلمان تعليم دوران ساڻس تعلق رکيو ۽ مارڪون وڌائڻ جو ڏٺو ڏئي زيادتي ڪئي ۽ هاڻي بليڪ ميل ڪري رقم گهري رهيو آهي.

شاگردياڻي اهو به الزام لڳايو آهي ته ڪاليج جي ڪيترين ئي ڇوڪرين کي مارڪون وڌيڪ ڏيڻ جو ڏٺو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻائي چڪو آهي.

ڪيس داخل ڪندي پوليس خانگي ڪاليج جي پروفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.