ميرپور بٺورو: رازا ايسوسيئيشن پاران ڏهاڙي وڌائڻ لاءِ احتجاج

ميرپور بٺورو ۾ رازا ايسوسيئيشن پاران ڏهاڙي وڌائڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

رازا ايسوسيئيشن جي صدر حسين رند جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي مزدورن ۽ ڪاريگرن پاران اُجرت م واڌ لاءِ پريس ڪلب ميرپور بٺورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته مهانگائي جي دور ۾ گرمي ۽ ٿڌ ۾ محنت ڪرڻ باوجود پنهجي ٻچن جو به پيٽ نٿا پالي سگھون.

هنن چيو ته مزدور طبقو مهانگائي سبب سخت پريشاني جو شڪار آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪاريگر جي ڏهاڙي 1300 روپيا ۽ مزدور جي ڏهاڙي 700 روپيا مقرر ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.