ميرپورماٿيلو: جسقم جي سڏ تي گھوٽڪي ۾ نقلي ڀاڻ ۽ ٻج جي وڪري خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلي ۾  جسقم جي سڏ تي شهرين ۽ ڪارڪنن پاران نقلي زرعي ڀاڻ ۽ ٻج جي وڪري خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن ۽ شهرين جسقم جي ضلعي صدر فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، وحيد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته زراعت کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان گهوٽڪي ۾ نقلي ڀاڻ ۽ ٻج  سري عام وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن سبب آبادگارن جو نقصان ٿيو آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته زراعت کاتي جا عملدار نقلي ڊي اي پي کاڌ هلائيندڙ ڊيلرن کان رشوت وٺي کين ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.

احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نقلي ڀاڻ ۽ ٻج هلائيندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري نقصان کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.