سيمينٽ جي پيداوار وڌائيندڙن لاءِ نئين ٽيڪس کان ڇوٽ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته جيڪو به سيمينٽ جي پيداوار وڌائيندو انهن کي نئين ٽيڪس کان ڇوٽ حاصل هوندي.

ناڻي واري وزارت جي ترجمان موجب حڪومت سيمينٽ جي اگهن ۾ گهٽتائي جي لاءِ پيداواري صلاحيت تي ٽيڪس ۾ مٽاسٽا تي غور ڪري رهي آهي.

هن چيو ته جيڪو به سيمينٽ جي پيداوار وڌائيندو ان کي نئين ٽيڪس کان ڇوٽ حاصل هوندي.

ترجمان ٻڌايو ته مارڪيٽ ڪميٽيشن وڌائڻ جا قدم کنيا ويندا ۽ سمري جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي کي موڪلي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.