پاڪستان ۽ برطانيا ۾ غيرقانوني رهندڙ هاڻي هوشيار ٿين

لنڊن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ غير قانوني طور رهندڙن کي واپس وٺڻ وارو معاهدو آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو.

وزيراعظم جي مددگار شهزاد اڪبر ۽ سيڪريٽري برطانوي گهرو وزارت غيرقانوني رهندڙن جي معاهدي کي حتمي صورت ڏني وئي آهي.

برطانوي هاءِ ڪميشن ڪرسچن طرفان سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ويو آهي ته معاهدي تحت ڪنهن به ملڪ ۾ غيرقانوني رهندڙن کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻو پوندو.

برطانوي هاءِ ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدو پاڪستان جي وفاقي ڪابينا سامهون حتمي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو، اهڙي منظوري کانپوءِ معاهدي تي سال جي آخر تائين عمل ڪيو ويندو.

ان سان گڏ برطانيا ۽ پاڪستان اختياريون هڪٻئي سان ڪرمنل رڪارڊ جي مٽاسٽا به ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.