سنڌ، بلوچستان ۽ گهرو کاتو ڊيٽا فراهم نه ڪري سگهيا: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سنڌ، بلوچستان ۽ وفاقي گهرو وزارت تڪ بندين جي لاءِ قانونسازي، دستاويزَ ۽ ڊيٽا فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.

پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن لوڪل گورنمينٽ قانونن تحت تڪ بندين ۽ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

بلوچستان ۾ تڪ بندين جي شروعات 6 ڊسمبر کان ٿيندي ۽ 28 فيبروري تائين جاري رهندي.

وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ تڪ بندين وارو عمل 25 نومبر کان 3 فيبروري تائين جاري رهندو.

اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب سنڌ ۾ تڪ بندين جو عمل پهرين ڊسمبر کان 23 فيبروري تائين جاري رهندو.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.