”گوليون، گرنيڊ ۽ شيل اسانکي نٿا روڪي سگهن“

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) سربراهه سعد حسين رضوي چيو آهي ته گوليون، گرنيڊ ۽ شيل اهي سڀ اسانکي نٿا روڪي سگهن.

آزادي کانپوءِ لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سعيد رضوي چيو ته ڪارڪن ياد رکن ته اسان جي منزل دين اسلام کي تخت تي آڻڻ آهي.

هن چيو ته گوليون، گرنيڊ ۽ شيل ۽ اهي سڀ اسان کي نٿا روڪي سگهن.

ٽي ايل پي جي سربراهه وڌيڪ چيو ته جڏهن جيل ويس تڏهن به تحريڪ لبيڪ هئي، هاڻي ٻاهر آيو آهيان، تڏهن به تحريڪ لبيڪ آهي.

ڪارڪنن سان مخاطب ٿيندي هن چيو ته جيڪي گهٽ وڌايون تحريڪ سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي اهي سڀ توهان هٽائي ڇڏيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.