اسد عمر ”ڪينسر“ وبا ڦهلجڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مونکي شڪ آهي ته پاڻي جي مسئلي جي ڪري ڪينسر نه وڌي وڃي

اسلام آباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي تقريب کي خطاب ۾ اسد عمر چيو ته گادي واري هنڌ ۾ پاڻي جي ڪا به وڏي اسڪيم ناهي، جَر جو پاڻي اڃا هيٺ وڃي رهيو آهي ۽ هتي ڪينسر ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.

وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد جي آبادي سالياني طور 6 سيڪڙو وڌي رهي آهي.  گذريل 40 سالن ۾ هتي ڪا به استعمال ناهي ٺهي، هاڻي 4 نيون اسپتالون ٺهي رهيون آهن.

هن چيو ته انڊسٽريل زون تي ناڻي واري وزارت سان معاملا حل ٿي ويا آهن، فيڊرل انڊسٽريل زون اسلام آباد کان ٻاهر ٺهي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته اسان وٽ عام چونڊن کانپوءِ به رونق هوندي آهي، 3 سالن کانپوءِ به ڌانڌلي تي رڙيون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته اسلام آباد چيمبر جون چونڊون خاموشي ۾ ٿي وينديون آهن.

تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون اڳ ۾ به چيو هو ته اسان جا نمبر پورا ٿي ويا آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ اسان جا 223 ووٽ پورا ٿي چڪا هئا.

اسد عمر وڌيڪ چيو ته ٽي وي پروگرام ڏسڻ کانپوءِ اپوزيشن ۾ وڏي تبديلي جو جذبو هو.

هن چيو ته ڪرائيداري جو قانون وڏي جدوجهد سان ٺهيو، اميد آهي ته چيمبر سُٺي طريقي سان عمل ڪرائيندو، اسلام آباد ۾ ڪرائيداري واري قانون جو بل پاس ڪرائڻ جو ڪريڊٽ مونکي نه کڻڻو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.