ڌوني جو مداح سوين ميل پنڌ ڪري وٽس پهتو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني جو مداح ان سان ملڻ جي لاءِ ميلن جو سفر پنڌ ڪري وٽس پهتو.

ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب ڀارتي رياست هرياڻا سان تعلق رکندڙ نوجوان اجي گل پنهنجي هيرو سان ملڻ جي لاءِ رانچي پهتو جنهن جي ڪري هن 1436 ڪلوميٽر (892 ميل) جو سفر طئي ڪيو.

رپورٽ ۾ٻڌايو ويو ته پهريون ڀيرو ناهي ته ڌوني جو اهو مداح ساڻس ملڻ لاءِ پهتو آهي پر انکان اڳ به هي نوجوان ڌوني سان ملڻ جي لاءِ پنڌ آيو هو جنهن ۾ هن 16 ڏينهن پنڌ ڪيو هو.

ٻڌايو ويو آهي ته هن ڀيري ڌوني سان ملڻ جي لاءِ هن سوين ميلن جو سفر ڪيو جنهن ۾ کيس 18 ڏينهن لڳا.

اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني نه رڳو نوجوان جي ملڻ جي خواهش پوري ڪئي پر کيس پنهنجي فارم هائوس جو دورو به ڪرايو ۽ آٽو گراف به ڏني جڏهن ته نوجوان جي فارم هائوس ۾ رهڻ جا انتظام به ڌوني ڪيا.

ان سان گڏ ڌوني پنهنجي مداح جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ سندس جهاز جي ٽڪيٽ جو به بندوبست ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.