شهرين کي اپيل آهي ته عملي سان سهڪار ڪيو وڃي: ايڊيشنل ڊائريڪٽر اليڪشن ڪميشن

ملير ۾ اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جاويد اقبال  جي صدارت اجلاس ڪوٺايو ويو.

اجلاس ۾ ريجنل ڊاريڪٽر نديم حيدر،  ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر نويد عزيز، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ووٽر لسٽن ۾ ووٽر جا نالا داخل ڪرائڻ واري پاليسي تي بحث ڪيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جاويد اقبال چيو ته ووٽ داخل ڪرائڻ هر شھري جو آئيني بنيادي حق آهي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ووٽ داخل ڪرڻ لاءِ آسان طريقا استعمال ڪيا آهن.

هن چيو ته چئني صوبن ۾ ووٽ داخل ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ نادرا کان ماڻھن کي شڪايتون آهن عوام ووٽ داخل ۾ خاص دلچسپي نه ٿو رکي، اليڪشن ڪميشن ملڪ جي هر شھري اپيل ڪري ٿئي ته ووٽ داخل ڪرائڻ واري هلندڙ مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي علمي سان سهڪار ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.