ڪنڌڪوٽ: سومرا برادري ۽ مختلف تنظيمن پاران ميمونا سومرو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ سومرا برادري ۽ مختلف تنظيمن پاران ميمونا سومرو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتحاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن محمد رمضان سومرو ،  عبدالعزيز، مير فائق،  علي جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ميمونا سمورو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ميمونا سومرو کي ناحق قتل ڪيو جنهن جا جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آهن، سندس قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

ان موقعي تي ڊي ايس پي انصار علي مٺياڻي مظاھرين وٽ پهچي ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ چيو ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.