اڳڙا: ڳوٺ ٺٽي ناريجو جو پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجهيل

اڳڙا ڀرسان ڳوٺ ٺٽي ناريجو جو پرائمبري اسڪول بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب کنڊر جي ڏيک ڏيڻ لڳو.

تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب اسڪول 50 سال پراڻي اسڪول جو هن وقت نه ئي ڪو مرمتي ڪم ڪرايو ويو آهي ۽ نه ئي ڪا ٻي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.

ان سلسلي ۾   ڳوٺاڻن  شير محمد ناريجو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته پرائمري اسڪول جي بلڊنگ تمام پراڻي آهي جنهن سبب ڇت جا چاپڙ ڪرندا آهن جنهن ڪري ٻارن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته واش رومن، پيئڻ جي پاڻي سميت ڪا به بنيادي سهولت اسڪول ۾ موجود نه آهي، اسڪول کي نظر انداز ڪري ٻارڙن جو مستقبل داءَ تي لڳايو ويو آهي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير ، تعليم واري وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرائي اسڪول کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.