6 صدين کانپوءِ ڊگهي ترين چنڊ گرهڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري جزوي چنڊ گرهڻ جو نظارو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪيو پيو وڃي.

جزوي چنڊ گرهڻ جو نظارو، جاپان، آسٽريليا، آمريڪا، چلي ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ ڏٺو پيو وڃي، انکانسواءِ ايشيا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ به جزوي چنڊ گرهڻ ڏٺي ويندي.

پاڪستاني وقت موجب جزوي چنڊ گرهڻ جي شروعات صبح 11 وڳي 2 منٽن تي ٿي ۽ ان جو خاتمو 3 وڳي 47 منٽن تي ٿيندو، جزوي چنڊ گرهڻ جو مڪمل خاتمو پاڪستاني وقت موجب 5 وڳي 4 منٽن تائين ٿيو.

جيڪڏهن جزوي چنڊ گرهڻ جي حساب سان جائزو ورتو وڃي ته اها 580 سال ۾ هن وقت تائين جو ڊگهو ترين چنڊ گرهڻ هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.