جهلم ۾ وحشت جو واقعو، ذهني معذور ٻارڙِي سان زيادتي

لاهور(ويب ڊيسڪ)جهلم ۾ ذهني معذور ٻارڙي کي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي.

آءِ جي پنجاب پوليس رائو سردار علي خان جهلم ۾ معذور ٻارڙي سان پيش آيل زيادتي واري واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

آءِ جي پنجاب ڊي پي او جهلم کي هدايت ڪئي آهي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندان سان ملي انهن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي وڃي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به جهلم ۾ هڪ ڇوڪري سان اجتماعي زيادتي جو واقعو پيش آيو هو، پوليس ڇوڪري سان زيادتي ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.