گجرات يونيورسٽي جي گرلس هاسٽل ۾ باهه

گجرات(ويب ڊيسڪ) يونيورسٽي آف گجرات جي گرلز هاسٽل ۾ فرنيچر ۽ ڪتابن سميت ٻئي سامان کي باهه لڳي وئي.

ريسڪيو اختيارين موجب يونيورسٽي آف گجرات جي گرلز هاسٽل ۾ باهه لڳڻ سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو پر هاسٽل ۾ ڪتاب، فرنيچر ۽ ٻئي سامان کي نقصان پهتو.

اختيارين موجب فائر برگيڊ جي ٽن گاڏين باهه تي ضابطو آڻي ورتو آهي.

وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته يونيورسٽي آف گجرات جي گرلز هاسٽل ۾ باهه شارٽ سرڪٽ مان لڳي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.