مودي سرڪار هارين اڳيان ڳوڏا کوڙي ڇڏيا، زرعي قانون واپس وٺڻ جو اعلان

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي لڳ ڀڳ هڪ سال کان هلندڙ هارين جي احتجاج اڳيان ڳوڏا کوڙيندي تڪراري زرعي قانون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب نريندر مودي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ ڀارت جي مختلف رياستن ۾ احتجاج تي ويٺل هارين کي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته حڪومت نئين زرعي قانونن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نريندر مودي جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پارليامينٽ مان 2020 ۾ پاس ٿيندڙ ٽي زرعي قانون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي حڪومت هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيندڙ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ باقائدا شرط ۽ ضابطن جي ذريعي زرعي قانونن کي رد ڪري ڇڏيندي.

اهڙو اعلان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڀارت جي پنجاب سميت 5 رياستن ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن.

ياد رهي ته ڀارت ۾ مودي سرڪار طرفان ڪيل زرعي سڌارن خلاف پنجاب، هرياڻا ۽ اتر پرديش سميت مختلف علائقن ۾ هاري هڪ سال کان لڳاتار احتجاج ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.