بلوچستان جي وڏي وزير استادن جي ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو 350 کان مٿي استادن جي ڀرتي جي منظوري ڏني آهي.

وڏي وزير منظوري بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي تعليم کاتي طرفان موڪليل سمري تي ڏني آهي.

سرڪاري پڌرائي موجب بلوچسان ۾ 350 کان مٿي استادن جون ڀرتين جي سفارش ضلعي سطح تي قائم ڪئي وئي ڪميٽين ڪئي هئي پر مختلف ٽيڪنيڪي بنياد تي انهن ڀرتين کي روڪيو ويو هو.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ متاثر استادن طرفان داخل ڪيل درخواست تي فيصلو ڏيندي حڪومت کي انهن خالي جاين تي ڀرتي جو عمل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.