ڪنري ۾ڀاڻ جي دڪانن تي ڇاپا

ڪنري (ت ر) ڪنري ۾ انتظاميا جي زرعي کاتي سان گڏ زرعي دڪانن ۽ بانڊن خلاف ڪاروائي، اسٽاڪ ۽ وڌيڪ اگھ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ وڏي انگ ۾ دڪانون ۽ بانڊا سيل ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب زرعي دوائن جي غير معياري وڪري، وڏي مقدار ۾ اسٽاڪ ڪري رکڻ ۽ وڌيڪ اگھ تي وڪري جو شھرين پاران شڪايتن ت اسسٽنٽ ڪمشنر محمد حسن کوسو، زرعي کاتي جي عملدارن حسين بخش خاصخيلي، نھال ميگھواڙ پوليس سان گڏ شھر ۾ زرعي دڪانن ۽ ڀانڊن خلاف ڪاروائي ڪئي. جنھن دوران اسٽاڪ، وڌيڪ اگھ تي وڪرو ۽ خراب ڪوالٽي تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ 15 کان مٿي دڪانن ۽ ڀانڊن کي سيل ڪري ڇڏيو.سيل ڪيل دڪانن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مختلف ڪمپنين جي ڀاڻ جا ڪٽا اسٽاڪ ڪيل ھئا،ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد حسن کوسو جو چوڻ ھو ته شھرين پاران مختلف وقتن تي شڪايتون ڪيون ويون ته زرعي دڪانن جا مالڪ ڀاڻ کي اسٽاڪ ڪري حڪومت جي مقرر ڪيل اگھ کان وڌيڪ اگھ تي وڪرو ڪن ٿا، جڏھن ته اڪثر غير معياري ھجڻ سبب فصلن کي نقصان ٿئي ٿو ۽ خرچ ڳچي ۾ پوي ٿو جنھن سبب ڊي سي عمرڪوٽ جي ھدايتن تي ڪاروائي ڪئي آھي ۽ دڪانن کي سيل ڪيو آھي. ھن چيو ته دڪاندارن کي سختي سان ھدايت ڪئي آھي ته اهي خراب ڪوالٽي، سستي اگھ ۽ مال کي اسٽاڪ نه ڪن، اسٽاڪ ڪرڻ سان اگھ ۾ واڌ ٿيندي آھي. جڏھن ته شروع ڪيل ڪاروائي وڌيڪ ڏينھن تائين جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.