لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتن 19 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن 19 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 7 سالن جو مهراڻ پٽ اياز، 30 امتياز علي پٽ يار محمد، 7 سالن جي حليمه بيبي ڌيءَ حر حسين، 32 سالن جو فدا حسين پٽ امان الله، 7 سالن جو نديم پٽ نظير علي ۽ ٻيا شامل آهن. ڪتي چڪ سبب زخمي ٿيل مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. سينٽر انتظاميه موجب رولو ڪتي جي چڪ سبب زخمي متاثرن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر سميت رتوديرو، باقراڻي ۽ ڏوڪري شهر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن سان آهي جن کي بروقت ويڪسين لڳائي طبي امداد ڏيڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.