ڪنڌڪوٽ ۾ زرعي ڀاڻ جا ڀانڊا سيل

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جي هدايتن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر زرعي توسيع کاتو ڊاڪٽر فتح محمد ڪانهر حڪومت پاران جاري ڪيل اگهن موجب زرعي ڀاڻ وڪرو نه ٿيڻ غير قانوني ڀانڊا رکڻ لائيسنس نه هجڻ تي 5 کان وڌيڪ ڀانڊا سيل ڪري جرمانا لاڳو ڪيا ويا آهن زرعي ڀاڻ سرڪاري انگ اکرن موجب وڪرو نه ٿيڻ تي واپاري دليپ ڪمار،سنديپ ۽ واش ديو سميت 5 ڄڻن مٿان 20 هزار روپيا جرمانو لاڳو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته غير قانوني ڀانڊا هلائيندڙن زرعي توسيع کاتي جي ٽيم کي ڏسي فرار ٿي ويا ۽ زرعي توسيع کاتي جي ٽيم پاران 5 ڀانڊا سيل ڪري ڇڏيا.ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فتح محمد ڪانهر ڀاڻ واپارين کي چيو ته پهرين فهرست اندر پنهنجا رينيو ٿيل لائيسنس جمع ڪرايا وڃن حڪومت پاران جاري ڪيل اگهن موجب ڀاڻ وڪرو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ جرمانن سان گڏوگڏ جيل موڪليو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.