ڪلوئي جي آبادگارن جو آبپاشي عملدارن خلاف احتجاج

ڪلوئي (ت ر)آبپاشي عملدارن  رڻ شاخ ٽيل جي آبادگارن سان ھڪ دفعو ٻيھر ويساهه گهاتي ڪري ھفتي جو وارو  ايڪي ڏينهن جو ڪري ٽيل جي آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ڏئي معاشي قتلام ڪري ڇڏيو، آبادگارن جو احتجاج. آبپاشي عملدارن ٽيل جو پاڻي منڊ جي آبادگارن کي ڳري رشوت عيوض وڪرو ڪري اسان حق تي ڌاڙو ھڻي رڻ شاخ جو ھفتي جو وارو ايڪي ڏينهن تي ڪري ھٿن سان ڪنگال ڪيو وڃي پيو. آبادگارن ان عمل خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عثمان ھالو چيو ته ٿرپارڪر جي واحد رڻ شاخ آهي جيڪو مٺي ڏيپلو اسلام ڪوٽ کي مٺو پاڻي فراهم ڪندڙ آهي ۽ لکين ماڻھن جو روزگار جو ذريعو رڻ شاخ تي ٻني ٻاري تي آهيانھي موقعي تي آبادگارن محمد عثمان ھالو بابو جان لنڊ انعام الله بھادر لنڊ ۽ ٻين چيو آبپاشي عملدارن رڻ شاخ ٽيل تي ھٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪري ھفتي وارو ايڪي ڏينهن تي ڪري ٽيل جي آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو وڃي پيو ڪنھن بہ صورت ۾ ايڪي ڏينهن جو وارو قبول ڪونھي ھفتي جو وارو آھي اسان جو حق آهي اھو ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ ٻه ڏينهن اندر ڊاريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي حصي جو پاڻي حاصلات تائين احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.