توهين عدالت ڪيس، ايس ايس پي ريلوي ۽ ٻين کي نوٽيس

ڪورنگي (رپورٽ اميرجان چانڊيو) ڪراچي سنڌ هاء ڪورٽ جي جج  جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جي عدالت  پاران توهين عدالت ڪيس  ۾  ايس ايس پي ريلوي . سميت ريلوي ڪينٽ  ٿاڻي جي موجوده ايس ايڇ او کي نوٽيس جاري ڪندي 29 نومبر تي خواب داخل ڪرائڻ لاء  طلب ڪري ورتو.  سنڌ هاء ڪورٽ ڪراچي جج جسٽس آفتاب احمد  ڳورڙ جي عدالت ۾ ڪورنگي محمد خان ڳوٺ جي رهواسي ڪاشف سيلرو پاران پنهنجي وڪيل ذولفقار علي ابڙو جي معرفت درخواست ڪندي عدالت کي استدعا ڪئي ته فاضل عدالت پاران  4  نومبر 2021 تي ڪرمنل مسلينيس درخواست نمبر 379/2020 جي ٻڌڻي ڪئي وئي هئي جنهن ۾  عدالت سڳوري ايڊيشنل سيشن جج سائوٿ جي ڏنل اڳ واري  فيصلي کي برقرار رکندي ٽرين ۾ سفر دوران مونکان رقم ڦر ۽ تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن سميت ريلوي ڪينٽ ٿاڻي جي سابقه ايس ايڇ او وقاص خلاف  154 جو بيان وٺي مٿن خلاف مهنجي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر اهڙي  عدالتي حڪم نامي تي  ريلوي ڪينٽ  ٿاڻي جي موجوده ايس ايڇ او شفيق عمل  ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي درخواستگدار ڪاشف علي سيلرو عدالت  سڳوري جو حڪم نامون کڻي  بيان ڏيڻ لاء ويندو رهيو ايس ايڇ او  بيان وٺڻ کان ٽال مٽول ڪري انڪاري بڻيل آهي . متاثر ڪاشف علي سيلرو جي ڏنل اهڙي توهين عدالت واري درخواست سنڌ هاء جج جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ٻڌڻي لاء منظور ڪندي  ايس ايس پي ريلوي سميت ريلوي ڪينٽ  ٿاڻي جي موجود ايس ايڇ او شفيق کي 29  نومبر تي جواب داخل ڪرائڻ لاء عدالت ۾ پيش ٿيڻ  جو حڪم جاري ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.