شهداد ڪوٽ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ آبپاشي ملازم جو احتجاج

شھدادڪوٽ ( رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن سن ڪوٽا ۽ صحت ڪارڊ منظور نه ٿيڻ خلاف متحده فيڊريشن رائيٽ بئنڪ ريجن لاڙڪاڻي جي صدر اويس تونيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو,جتي اڳواڻن اويس تونيو، علي شير سانگي، شرافت جتوئي، امتياز بروھي، ربنواز بروھي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي ملازمن سان ناانصافين جي حد ڪري ڇڏي آهي جنهن جو ثبوت آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ ٿيندڙ سوين ملازمن جي اولاد کي سن ڪوٽا تحت نوڪريون نه ڏيڻ مان ظاهر آهي، ھنن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور  ۾ آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي اولاد کي سن ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وينديون ھيون پر ان جي شھادت بعد پپلز پارٽي سنڌ جي حڪومت آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ ملازمـن جي اولاد کي سن ڪوٽا تحت نوڪريون نه آهن ڏنيون جيڪا ملازمـن سان ناانصافي آهي، مطالبا نه منظور ڪيا ويا ته 18 ڊسمبر تي ھڪ وڏي قافلي جي صورت ۾ لاڙڪاڻي کان لانگ مارچ ڪري سي ايم ھائوس ڪراچي ۾ ڌرڻو ھنيو ويندو.

  • `نصير آباد ۾ آبادگارن جي گڏجاڻي، اهم فيصلا

نصيرآباد (ت ر) نصيرآباد جي آبادگارن ۽ ڀاڻ ڪندڙ  ڊيلرن سان اي سي نصيرآباد سيد يارعلي شاهه پاران گڏجاڻي، سنڌ آبادگار بورڊ تعلقي نصيرآباد جي صدر انجنيئرخان محمد ڦلپوٽو، آبادگار اڳواڻ فرحان خان ڦلپوٽو ڊيلرن ۾ محمود پتوجو سيٺ ڪيلاش ڪمار، محمد قاسم چنو سميت ايگريڪلچر جي آفيسرن ۾ ڊي ڊي او نياز حسين مڪول سيدرياض حسين شاهه سيڪريٽري مارڪيٽ ڪميٽي سميت ٻيا ڊيلر ۽ آبادگار پڻ شريڪ ٿيا گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شھر اندر ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو ۽ سرڪاري اگهه کان وڌيڪ ريٽ تي وڪرو جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.