نوابشاهه۾پورهيتن جو ٽريفڪ پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر)  نواب شاهه شھر ۾ فروٽ جون ريڙھيون لڳائي مزدوري ڪندڙ مزدورن پاران ٽريفڪ پوليس جي مبينه زيادتين خلاف محمد نديم، اڪرم ڀٽي، اشرف، عدنان قاضي، ڀورا قلندري، پرويز قريشي، وسيم قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريڙھيون ڪاھي نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته اسان شھر ۾ فروٽ جون ريڙھيون لڳائي پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آھيون جڏهن ته ٽريفڪ پوليس نواب شاهه اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۽ اسان کي پنھنجو روزگار ڪرڻ نٿي ڏئي، ھنن چيو ته ٽريفڪ پوليس پنھنجي من پسند ريڙھي وارن کان ڀٽو وٺي انھن کي ڪجھه نٿي چئي جڏھن ته اسان خلاف انھن رڻ ٻاري ڏنو آھي جيڪا اسان غريب ريڙھي وارن سان زيادتي آھي، جڏهن ته اسان کي به ڀٽو ڏيڻ جو چون ٿا ليڪن اسان 500 ڏھاڙي ڪمائڻ وارا ھنن کي ڪٿان ڀتو ڏيون، ھنن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٽريفڪ پوليس جي اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي ٻچن جو روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.