خانپور مهر ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، اي سي جا گدامن تي ڇاپا

خانپورمهر(رپورٽ:ميهرمهر)خانپور مهر ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ،اي سي جا ڇاپا، خانپورمھر ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ نعيم احمد سهتو  زرعي دڪانن ۽ گودامن تي ڇاپا هنيا اسسٽنٽ ڪمشنر زرعي دڪانن تي ڀان جا اگهه معلوم ڪيا ۽ ڀاڻ اسٽاڪ ڪري بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي شڪايتن تي گودامن تي پڻ ڇاپا هنيا ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ نعيم سهتو زرعي ڊيلرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته اگر ڪنهن به زرعي ڊيلر ڀاڻ بليڪ ڪري وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪيو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي هوڏانهن آبادگارن جو چوڻ آهي ته منافعي خور زرعي ڊيلرن ڀاڻ جون سوين ٻوريون مختلف گودامن ۾ لڪائي ڇڏيون آهن، جيڪي اسان کي ٻيڻي اگهن تي وڪرو ڪيون پيون وڃن آبادگارن چيو ته فوري طور منافعي خور ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري مقرر اگهه تي اسان کي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.