شڪارپور ۾ ڀاڻ ڳري قيمتن تي وڪرو، ڊي سي پاران ڪارروائي جي هدايت

شڪارپور ( ڊر ) آبادگارن جي ڀاڻ جي نه هجڻ ۽ ڳري قيمتن تي وڪري خلاف دانهڻ تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڪاشف نبي کهڙو آبادگارن فرٽيلائيزر ڊيلرن ۽ زرعي کاتي جي آفيسرن جو اجلاس طلب ڪري ورتو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي سي شڪارپور ڪاشف نبي کهڙو، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ زرعي کاتي جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته تعلقي ليول تي ڪميٽي ٺاهي فرٽيلائيزر ويئر هائوسز ۽ ڊيلرن جي دڪانن تي اسٽاڪ چيڪ ڪيو وڃي ۽ آفيشل قيمتون پڻ ڏٺيون وڃن. ان بعد لوڪل ڊيلرن جو اسٽاڪ پڻ جاچيو وڃي ۽ انهن جي جاچ ڪئي وڃي ته هو زرعي دوائون ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ۽ ٻج ڪهڙين قيمتن تي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته غير قانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ ٿيل ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندن اسٽاڪ ۾ موجود سمورو ڀاڻ ضبط ڪيو وڃي. ڊي سي شڪارپور زراعت کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته فاطمه فرٽيلائيزر، اينگرو فرٽيلائيزر ۽ فوجي فرٽيلائيزر جي مالڪن کي سڀاڻي سندن آفيس ۾ طلب ڪيو وڃي ۽ کين هدايتون ڏنيون وڃن ته هو سموري اسٽاڪ ۽ سيل جي رڪارڊ سميت سندس آفيس اچن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڪاشف نبي کهڙو چيو ته زراعت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ۽ جيڪڏهن فرٽيلائيزر جي کوٽ ٿي هئي ته اختيارين کي ان بابت رپورٽ موڪلي وڃي ها آبادگار بورڊ جي عهديدارن ۽ آبادگارن ارصلاح خان سيلرو، ميجر الهوسايو خان مهر، شڪيل ڊکڻ، حمادالله ڄامڙو، انور خان چاچڙ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ضلعي اندر ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري ڊي اي پي 8 هزار واري ٻوري 8 هزار 8 سئو ۾ ۽ يوريا واري 1700 سئو واري ٻوري 2400 سئو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن سرڪار ڪمپنيءَ جي ريٽ تي ڀاڻ فراهم نٿي ڪرائي سگهي ته مهانگو وڪرو ٿيندڙ ڀاڻ بند ڪرايو وڃي.

  •  ڀاڻ جي اگهه ۾ هٿرادو واڌ خلاف ڪنب ۾ ڇاپو

ڪنب (ن ع آ)ڪنب ۾ ڀاڻ ڊيلرن پاران ھٿراڌو واڏڪري آبادگارن کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ سرڪاري ريٽ کان وڌيڪ تي وڪرو ڪرڻ جي  جي شڪايتن تي مختيارڪار ڪوٽڏيجي حافظ علي نواز ڪولاچي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت گلبهار سوڍڙو ڪنب ۾ اوچتو ڀاڻ ڊيلرن تي ڇاپا هنيا  ان موقعي تي مختيارڪار ڪوٽڏيجي پاران يوريا ڀاڻ سرڪاري ريٽ 1768 رپيا تي وڪرو ڪرايو ويو ان موقعي تي آبادگارن مختيار ڪار کي ٻڌايو ته توهانجي اچڻ سان سرڪاري اگھ تي ڀاڻ ڏين ٿا جڏهن ته پهرين يوريا 24سو کان 25 سو ۽ ڊي اي پي پڻ وڌيڪ ريٽ تي فروخت پي ٿيو ان موقعي تي مختيارڪار ڪوٽڏيجي حافظ علي نواز ڪولاچي چيو ته ڪنهن کي به واڌو اگھ وٺڻ نه ڏينداسين ڀاڻ ڊيلرن کي پڻ سرڪاري اگھ جو پابند ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.