شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي پهرين ورسي، ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا )سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي پھرين ورسي جي موقعي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ تقريبون، لڙڪن ، لفظن سان گڏ ڏيئا ٻاري ڀيٽا ڏني وئي. مک سياسي جلسو اڄ ٽنڊوالھيار ۾ ٿيندو، جنھن جي صدارت سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب ڪندو. جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت سميت مختلف سماجي سياسي تنظيمين جي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آھي. جڏھن ته اڄ سنڌ اندر ٿيندڙ تقريبن ۾ حيدرآباد ۾ تقريب مرڪزي اڳواڻ قادر چنا جي صدارت ۾ ترقي پسند ھائوس تي ضلعي حيدرآباد  تقريب ۾ مرڪزي اڳواڻ نصرت حسين، غلام محمد رند، ستاف آرگنائيزر ڊاڪٽر صفدر سومرو اعجاز سنڌي ضلعو حيدرآباد صدر رستم لاشاري ٻين عھديدارن۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا نوابشاهه ٻڍل مگسي جي صدارت ۾ ملهائي وئي ڊاڪٽر عبدالغفار ڏھراج، شاھنواز ڪيريو، خيرپور ۾ امداد ڀيو، ڄام وقار احمد ميمڻ، ولي محمد مستوئي. سرهاڙي طرفان شھيد جي تصوير اڳيان ڏيئا پاري کيس ڀيٽا پيش. موري اصغر بليدي حبيب الله مشوري، حميد پنھور گل حسن کوسو شھيد کي ڀيٽا پيش، جھول ۾ ڏيا ٻاري شھيد جي تصوير مٿان گلن جي ورکاءڪري دعا گھري وئي سانگھڙ جي صدر علي ڏنو خاصخيلي،ضلعي اڳواڻ احسان علي شر، تعلقي اڳواڻ ڪامريڊ علي خان بروھي،جهڏو، جھول ،گھوٽڪي، مٺي، شھدادپور،بلڙي شاهه ڪريم، سڪرنڊ، ٽنڊو الھيار ڪراچي ۾ گھگر ڦاٽڪ ورسي جي تقريب کي خيرمحمد مگسي، شبير چانڊيو، پير بخش بھلڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.