کپري تعلقي ۾ پاڻي کوٽ، فصل سڪڻ لڳا، احتجاج

کپرو (ت ر) کپرو شاھ بخش شاخ تي پوکيل بمپر فصل ڪڻڪ سڪڻ لڳي کپرو واھ مان نڪرندڙ سڀئي شاخون کلڻ سبب شاھ بخش شاخ ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويو اي ايس ڊي او آبپاشي جي ملي ڀڳت سان شاخ ۾ پاڻي گهٽ ھئڻ سبب آبادگارن جو پوکيل ڪڻڪ جو فصل نه ڀرائي سگهيا آبادگارن حاجي خان , اڪرم ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ايس ڊي او آبپاشي اسان جي شاخ شاھ بخش شاخ ۾ پاڻي گهٽ ڇڏي ٿو ان ڪري اسان جو فصل ڪڻڪ جوسڪي رهيو آھي اسان جو وارو اچي ٿو ته کپرو واھ مان نڪرندڙ سڀ شاخون کولي ڇڏين ٿا ان ڪري پاڻي اسان وٽ پوڇڙي ۾ پهچي نٿو هنن چيف انجنيئر ۽ وس وارن اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته شاھ نخش شاخ ۾ ڦل پاڻي ڇڏيو وڃي ته جئين اسان فصل ڀرائي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.