شادي پلي جو جواکوڙي صحافي ويهو مل ڪولهي ديهانيت ڪري ويو

شادي پلي ( ن  ع  آ  )  صحافت کي  52 سال ارپيندڙ شادي پلي جو جاکوڙي صحافي ۽ پ پ جو سرگرم ڪارڪن ويهو مل ڪولهي اچانڪ دل جو دورو پوڻ سبب 70 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو ، ويهو مل ڪولهي جي ٻه ڏينهن اچانڪ طبيعت خراب ٿي وئي هئي،  جنهن کي طبي علاج لاءِ  سول اسپتال ميرپورخاص بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو هو ، جيڪو  انتهائي نگهداشت واري وارڊ م بيهوشي جي حالت ۾  رهڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن ديهانت ڪري ويو، ويهو ڪولهي صحافت سان گڏ سياست ۾ به  پنهنجو پاڻ مڃرايو،  ان سنڌ جي ناليوارين اخبارن مهراڻ، عبرت، هلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ اڌ صدي کان مٿي جو وقت ڏنو ، ان جي صحافتي خدمتن عيوض هتان جي غريب ۽ بي پهچ عوام کي وڏو لاڀ حاصل ٿيو ،  سرڳواسي جي اچانڪ وڇوڙي تي پريس ڪلب شادي پلي جي صدر عمر شر ، اميربخش بلوچ، علي نواز  هنڱورو ۽ ٻين نهايت  ئي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو ، سرڳواسي جون آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته  سندس تڏو ڳوٺ ويهو مل ڪولهي ۾  وڇايو ويو آهي جتي سندس پوئنرن سان  تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

  • شهداد ڪوٽ ۾تعليم بچايو جدوجهد ڪميٽي جي سڏ تي ڌرڻو

شھدادڪوٽ ( ڊر ) شھدادڪوٽ جي ھڪ سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ ھڪ استاد پاران شاگردياڻين سان مبينا طور تي  حرڪتون ڪرڻ واري معاملي خلاف شھر جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي تنظيمن تي جوڙيل ” تعليم بچايو جدوجهد ڪميٽي“ پاران اعلانيل ٻن ڏينهن واري احتجاجي تحريڪ جي ڪالھ ٻي ڏينهن به شھر جي مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو, ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ حيات تونيو، ڪامريڊ حبدار ميرجت, منير بروھي,ذوالفقار مگسي,انور مغل, حاڪم مستوئي,الله داد خشڪ, معتبر چانڊيو,رشيد مگسي ۽ ٻين چيو ته ھڪ استاد پاران اسڪول اندر نياڻين سان غليظ حرڪتون ڪرڻ واري معاملي کي 2 ھفتا ٿيڻ وارا آهن پر اڃان تائين استاد خلاف ڪو به قدم ڪونه کنيو ويو آهي جيڪو سواليا نشان آهي,ھنن چيو ته اسان جي احتجاج جو مقصد نياڻين کي انصاف ڏيارڻ سان گڏ محفوظ تعليم جو ماحول ڏيارڻ آهي ته جيئن شاگردياڻيون بنا ڊپ جي تعليم حاصل ڪن,ھنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شاگردياڻين سان ڪريل حرڪتون ڪندڙ استاد کي سزا ڏيئي متاثر شاگردياڻين سان انصاف ڪيو وڃي,ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو,ھوڏانھن تعليم کاتي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ڊي اي او نواب کوکر پاران معاملي جي جاچ لاءِمقرر ڪيل ٽي رڪني ڪاميٽي پاران اسڪول جي ھيڊ ماستر ۽ استادن کان ورتل بيان واري رپورٽ اڃان تائين پڌري ڪونه ٿي آهي. جنهن جو شھرين کي پڻ انتظار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.