ڊائو اسپتال مان 15 سنڌي ملازمن کي نيڪالي، احتجاج

کوکراپار (رپورٽ:عنايت قمبراڻي ) پ پ شھيد ڀٽو ضلعي ملير پاران ڊائو ميڊيڪل يونيوسٽي هيلٿ سائنس اوجھا ڪئمپس ۾ ملازمن جي جبري برطرفين توڙي بيقاعدگين خلاف  پ پ پ شھيد ڀٽو  ضلع ملير پاران ڪامريڊ سليم راجپوت حبيب گل حمائتي بخشل گوريلو آزاد گوپانگ مختار جماڻي شير عالم سواتي فياض خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪرپشن عروج تي پهچي وئي آهي صرف سنڌي ملازمن جون جبري برطرفيون ۽ بدليون هڪ وڏي ناانصافي آهي ھنن انتظاميه پاران  مقامي اسٽاف جي پندرھن ملازمن جي جبري نيڪالي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته انتظاميا تعصب پرستي جو پردو ھٽائي  علاج لاء ايندڙ غريب ۽ مسڪين ماڻھن کي علاج معالج واريون سھولتون فراھم ڪرڻ بجاء ڏينھون ڏينھن اسپتال جي فيس ۾ واڌ ڪري مسڪين عوام سان ظلم ڪري رھي آهي. ھنن چيو ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نه صرف ڪراچي جي غريب ماڻھن جي صحت جو ادارو آھي بلڪي سنڌ جي ٻين ضلعن جا ھزارين مريض به علاج لاء ھتي اچن ٿا،پر اسپتال جي ڪرپٽ انتظاميه جي غلط پاليسن جي ڪري هاڻ هي ادارو عوام لاء ڪوس گھر بڻيل آھي اعلي اختياريون اداري جي بيقاعدگين جو سختي سان نوٽيس وٺي  سنڌ جي عوام کي صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ کي يقيني بڻائن اھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميه مقامي اسٽاف جي پندرھن ملازمن جي جبري نيڪالي واپس وٺي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.