مقصودي رند ويجهو نوجوان ڪئنسر وگهي فوت

مقصودو رند (ن ع آ) مقصودو رند لڳ ڳوٺ ڌڱاڻو رند ۾  ايس.ايڇ.او ۽ معزز شخصيت جو نوجوان پٽ نويد گل رند دماغي ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪريويو نوجوان جي فوتگي تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن ۽ برادري جي معززن جي شرڪت خبر موجب مقصودو رند لڳ ڳوٺ ڌڱاڻو رند ۾ معزز شخصيت  ايس. ايڇ. او  علي گل رند جو نوجوان 20 سالہ پٽ نويد گل رند دماغي ڪينسر سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو نوجوان جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن ۽ برادري جي معززن وڏي انگ شرڪت ۾ ڪئي مرحوم جي جنازي نماز بعد کيس سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو مرحوم جو تڏو ڳوٺ ڌڱاڻو رند ۾ وڇايو ويو آهي ۽ پونئرن سان تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي جڏھن ته نوجوان لمس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نرسنگ جو شاگرد هو ۽ نرسنگ ڊگري حاصل ڪئي ھئي ٻي طرف مرحوم جي لاڏاڻي تي نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند جي صحافين سرپرست رحيمداد رند ، خير محمد رند ۽ ٻين گھري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.