درياخان مري لڳ ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ٻه نوجوان فوت

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڪھڪاٽ سان تعلق رکندڙ نوجوان وزير علي عرف ھوت پٽ لائق لاشاري ۽ عمر ڳوٺ لاشار آباد واسي نينگر پريز احمد لاشاري موٽر سائيڪل تي ڀھواني وڃي رھيا ھيا ته شاھ پيٽرول پمپ وٽ پويان کان ايندڙ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تيز رفتار گاڏي موٽر سائيڪل سوارن کي زوردار ٽڪر ھنيو حادثي سبب موٽر سائيڪل سوار نوجوان وزير علي لاشاري ۽ نينگر پرويز لاشاري فوت ٿي ويا ٻنھي فوت ٿيلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا فوتي وزير علي جو لاش حب چوڪي کان ايمبولينس ذريعي دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڪھڪاٽ آندو ويو جتي فوتي جي اڄ جنازي ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان م مٽيءَ  ماءُ  حوالي ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.