جسقم اڳواڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيا، درياخان مري ۾ جسقم ۽ وارثن جي ريلي

دريا خان مري ( ن ع  آ ) دريا خان مري ۾ 5 ڏينھن اڳ قتل ڪيل جسقم اڳواڻ ۽ رٽائرڊ استاد خالد حسين پلھه جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيل خلاف پڊعيدن کان ريلي ڪڍي نوشھرو فيروز جي الله واري چوڪ کان سوين جسقم ڪارڪنن ۽ وارثن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ جسقم جيمسٽ ڪائونسل جي ميمبر اياز ڪورائي محمد ھارون ڪلھوڙو، محمد ھارون ڪلھوڙو ،شاھد حسين پلھه، حق پلھه، باغي سھيل، غلام مصطفي پلھه ۽ ٻين چيو ته 5 ڏينھن اڳ جسقم اڳواڻ ۽ رٽائرڊ پرائمري استاد خالد حسين پلھه کي مراد شاھ بخاري چوڪ تي سرعام گوليون ھڻي بيگناھ قتل ڪيو ويو، جنھن جي قتل جو ڪيس دريا خان مري ٿاڻي تي  شڪيل مبيجو ،نعمت الله مبيجو ،معروف مبيجو ۽ ھڪ نامعلوم خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود گھربل جوابدار ھن مھل تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،  قتل ٿيل جسقم اڳواڻ استاد خالد حسين پلهه جي وارثن غلام شبير پلھه، زڪريا پلھه، عابد حسين پلھه ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڪنھن سان ڪابه دشمني ناھي اسان جي همراهه کي سرعام مراد شاھ بخاري چوڪ تي دھشتگردي ڪري گوليون ھڻي بيگناھ قتل ڪري ڇڏيو، قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻئي صور ت ۾ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.