ڪنري ۾ نقلي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ 15 دڪان سيل

ڪنري (ت ر) ڪنري ۾ انتظاميا جي زرعي کاتي سان گڏ زرعي دوائن ۽ ڀاڻa جي دڪانن ۽ بانڊن خلاف ڪارروائي، آبادگارن جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد `حسن کوسو، زرعي کاتي جي عملدارن حسين بخش خاصخيلي، نھال ميگھواڙ پوليس سان گڏ شھر ۾ زرعي ٻڄ ڀاڻ جي دڪانن ۽ ڀانڊن تي ڇاپا هڻي. خراب ڪوالٽي جي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ 15 کان وڌيڪ دڪان ۽ ڀانڊن کي سيل ڪري ڪيو ويو، سيل ڪيل دڪانن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مختلف ڪمپنين جي ڀاڻ جا ڪٽا اسٽاڪ ڪيل ھئا، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد حسن کوسو جو چوڻ ھو ته  شڪايتون ملڻ تي ڊي سي عمرڪوٽ جي ھدايتن تي ڪارروائي ڪئي آھي ۽ دڪانن کي سيل ڪيو آھي. دڪاندارن کي سختي سان ھدايت ڪئي آھي ته اهي خراب ڪوالٽي، سستي اگهه ۽ مال کي اسٽاڪ نه ڪن، اسٽاڪ ڪرڻ سان اگهن ۾ واڌ ٿيندي آھي.

  • غلام حسين رنگريز جي ياد ۾ ميڙاڪو، سنڌ ۽ سيد سان سچو قرار

    حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر، محقق ۽ ڪالم نويس غلام حسين رنگريز جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ناليواري شاعره مريم مجيدي چيو ته غلام حسين رنگريز سنڌ جي قداور شخصيت هئي، هو شروع کان بااصول انسان هو، سنڌ ۽ سيد سندس مقصدن جو بنيادي حصو رهيا. هن چيو ته رنگريز پنهنجي شاگردن کي اڳتي وڌڻ لاءِ همت ڏني ۽ اسان کي پڻ اُتساهه ڏنو، اهڙا ماڻهو تاريخ ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته غلام حسين رنگريز سنڌي ٻولي جو تمام خوبصورت شاعر، نثر نگار، مترجم ۽ بهترين استاد رهيو، استاد جي حيثيت ۾ رنگريز وقت جو تمام پابند، پڙهائڻ جو ماهر، هو نه فقط نصاب پر هر معاملي تي هر شاگرد کي سرگرم رکڻ وارو استاد هو. هن چيو ته غلام حسين رنگريز طبيعت جي حوالي سان تمام نفيس انسان هو، ساڻس ملڻ وارو هر ماڻهو سندس رنگن ۾ رنگجي ويندو هو، علم، ادب جو استاد، رول ماڊل انسان، سماج ۽ نون نسلن لاءِ اتساهه بڻجندڙ شخصيت هو. ناليواري شاعر عنايت بلوچ چيو ته غلام حسين رنگريز سچو سنڌي ۽ نظرياتي انسان هو، اهڙا ماڻهو اڻلڀ هوندا آهن، پر تاريخ ۾ هميشه زنده رهندا آهن، هو هڪ قدآور شخصيت جو مالڪ هو. ناليواري ليکڪ اسحاق سميجي چيو ته غلام حسين رنگريز بهترين شاعر ۽ ڪمال جو نقاد هو، هُن مون کي نقاد طور تمام متاثر ڪيو، پر ادبي تنقيدي تاريخ ۾ سندس ذڪر تمام گهٽ ملي ٿو. شايد تنقيدي تاريخ ۾ شخصيتن کي طئي ڪندڙ ماڻهن وٽ ماپ جو پئمانو پنهنجو آهي ۽ رنگريز صاحب هڪ فقير طبيعت انسان هو. ناليواري اديب تاج جويو چيو ته غلام حسين رنگريز ۽ آئون ادبي سفر ۽ قومي قافلي جا راهي توڙي ڪارڪن آهيون، فڪري سفر ۾ سائين جي ايم سيد جهڙي رهبر جا شاگرد هئاسين. هن چيو ته هن پنهنجي شاگردن جي علمي ادبي تربيت سان گڏ فڪري تربيت پڻ ڪئي. رنگريز صاحب ماڻهو پيدا ڪيا پر ڳڻايو ڪڏهن به نه، شاگردن کي هميشه پنهنجو دوست سمجهندو هو. ناليواري اديب پروفيسر ادريس جتوئي چيو ته غلام حسين رنگريز بنيادي طور استاد هو، استاد جي حيثيت ۾ ڪيريئر جي شروعات ڪئي، هن استادن جي تربيت پڻ  ڪئي، استاد هجڻ سان گڏ تمام وڏو شاعر ۽ نثر نويس هو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري شبنم گل چيو ته اسان جي خوشنصيبي آهي جو اسان غلام حسين رنگريز کي ويجهي کان ڏٺو، هو نهايت ئي خاموش طبيعت انسان هو، هن جتي ضرورت محسوس ڪئي اتي ڳالهائڻ ضروري سمجهيو، غير ضروري ڳالهائڻ ڪڏهن نه ٻڌوسين. سندس لکڻين ۾ علائقي جي ٻولي نمايا هئي، هو تاريخ ساز شخصيت هو. تقريب کي غلام حسين رنگريز جي نياڻي فهميده رنگريز خطاب ڪندي چيو ته بابا علم جو بي پناهه سمنڊ هو، هر تڪليف کي صبر سان برداشت ڪيو ۽ آخر تائين ارادن تي اٽل رهيو.ناليواري براڊڪاسٽر نصير مرزا چيو ته مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته غلام حسين رنگريز منهنجو دوست هو، مون سندس ڪتاب پڙهيا، بنيادي طور رنگريز معلم هو، پاڻ رول ماڊل ۽ نظرياتي استاد رهيو. ان موقعي تي پروفيسر قادر بخش، جبار ميمڻ، نور محمد کيبر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

     

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.