ڊکڻ لڳ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل، جوابدار فرار ڪامياب

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ لڳ غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مولا بخش جکراڻي ڀرسان ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ جوابدارن مڙس احسان معرفاڻي ۽ ڏير عجب پٽ علي نواز  معرفاڻي بندوق جا فائر ڪري نوجوان عورت ٻاگهل خاتون زال احسان علي عرف غلام محمد  معرفاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو،جڏهن ته اهڙو اطلاع ملندي ئي غلام شاھ پوليس واقعي واري ڳوٺ پهچي مقتولا جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي غلام شاھ پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ مقتولا عورت ٻاگهل خاتون معرفاڻي کي سندس مڙس احسان علي عرف غلام محمد معرفاڻي ۽  ڏير عجب پٽ علي نواز معرفاڻي  گڏ جي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن،لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.