لکي جو بدنام جوابدار گل محمد تڙت پوليس وٽ پيش

لکي غلام شاھ(ن ع آ) لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ دادلو تڙت جتوئي جو رهواسي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل روپوش جوابدار گل محمد تڙت جتوئي پاڻ مرادو لکي پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي جڏهن ته لکي پوليس اها پڻ دعوه ڪئي آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته جوابدار جي گرفتاري کان اڳ شڪارپور جي هڪ بااثر ۽ پوليس جي جا ڪجھ هيٺين سطح جا آفيسرن ۾ ڊيل ٿي هئي جنهن ۾ جوابدار جي پيش ٿيڻ بعد ڪو به جاني نقصان نه ڏنو ويندو جنهنجو اسٽام پڻ ڪيو ويو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار جوابدار مٿان مهر جتوئي تڪرار ۽ پنهنجي زاتي جهيڙن جا 20 کان مٿي ڪيس داخل ٿيل آهن،ٻئي طرف ڊي ايس پي لکي غلام شاهه غلام حسين پيرذادو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس سان گڏ مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل روپوش جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جنهن جي مٿان قتل ۽ قبائلي جهيڙن جا ڪيس مختلف ٿاڻن جنهن ۾ جهلي ڪلواڙي ، ماڙي ۽ لکي غلام شاهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهن جنهن کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.