جيڪب آباد ۾ موٽر سائيڪل جي ڦرن ۽ چورن ۾اضافو

جيڪب آباد ( ڊ ر ) جيڪب آباد ۾ موٽر سائيڪلن جي ڦرن ۽ چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي جيڪب آباد جي صحافي رجب سومرو جي صدر ٿاڻي جي حد کان موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي ۽ پريس ڪلب جي ويجهو ڪيمرا مين مشتاق خاراني جي سي ڊي موٽر سائيڪل چور کڻي فرار ٿي ويا جڏهن ته آباد ٿاڻي جي حد علي نواز موڙ جي ويجهو هٿياربندن احسان علي انڙ کان سي ڊي موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ۽ ڪيش ڦر ڪري فرار ٿي ويا سول لائين ٿاڻي جي حد سول اسپتال مان پورهيت لياقت مهر جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي جڏهن شهرين جون ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري ٿيون آهن جيڪب آباد شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ رهزني جي وارداتن ۾ اضافي جي ڪري شهري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هڪ ٻئي واقعي ۾ جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ميڊيڪل اسٽور جا تالا ڀڃي ڪري چور ڏيڊ لک ڪيش، ليپ ٽاپ، ڊي وي آر ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.