سرداري نظام سنڌين کي غلام رکڻ لاءِ آهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پيپلز پارٽي حڪومت لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شھرن عدالتي حڪم جو۔جواز ڄاڻائي ھزارين ھزارين گھر ۽ ڳوٺ ڊاھي مسمار ڪري ڇڏيا، ڪنھن کي بہ ھڪ روپيا معاوضو نه ڏنو، اھي ھزارين خاندان اڄ به بي يارومددگار آھن۔ اھي رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري رھي آھن پر حڪمرانن کي ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن۔ ڪراچي ۾ بلڊر مافيا جي سرپرستي ڪري افغانين، بنگالين، بھارين ۽ ٻين پرڏيھين کي تحفظ ڏنو پيو وڃي۔ عدالتي حڪم باوجود غير قانوني ھائوسنگ اسڪيمن کي ختم نٿو ڪيو وڃي۔ حڪومت جا وزير غير قانوني اسڪيمن ۽ غير قانوني پرڏيھين جو تحفظ ڪري رھيا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سرداري ۽ جاگيرداري جو نظام سنڌ جي ماڻھن کي غلام ڪري رکڻ لاء آھي۔ سرداري ۽ جاگيرداري نظام عوام جو قاتل نظام آھي۔ جمھوريت دشمن نظام آھي۔ انساني آزادين کي قيد ڪندڙ نظام قبول ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا اسڪول لاوارث بنايا ويا آھن۔ جتي ھزارين اسڪولن ۾ بئنچون ناھن۔ پيئڻ جي پاڻي، باٿ روم ۽ بجلي جي سھولت ناھي۔ چار ديواري ۽ راند جو ميدان يا پارڪ ناھي۔ استادن جي کوٽ آھي۔ سائنس رياضي، انگريزي ۽ ٻين سبجيڪٽن جا ماھر استاد ناھن۔ تباھ ۽ برباد تعليمي نظام جي بحالي بدران، سنڌ کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تعليمي نظام کي پھريون نمبر بنائڻ بدران غريبن، ھارين، مزدورن جي ٻارن کي مفت تعليم به نٿي ڏني وڃي.۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ تعليمي تباھي جو نقصان جو ازالو صدين تائين پورو نہ ٿيندو۔ تعليم جي تباھي اسان جي نسلن جي تباھي آھي۔ پيپلز پارٽي جا حڪمران 13 سالن کان سنڌ جي اقتدار تي قابض ٿي سنڌ جي تعليم کي برباد ڪري رھيا آھن ۽ اسان جي نسلن کي جھالت، بدحالي، غربت ۽ مسئلن جي کوھ ۾ اڇلائي رھيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.