ملڪ جو مظلوم عوام پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي: ناصر سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ 27 نومبر تي رٿيل شھيد اسلام ڪانفرنس جون تيارين جاري آهن. جمعيت علماءِ اسلام لاڙڪاڻي جي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو ڪانفرنس جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو ورتو جتي ڪانفرنس جي انتظامي ڪاميٽي جو سربراهه ۽ جي يو آءِ ضلعي جنرل سيڪريٽري محبت علي کھڙو، مولانا طاهر محمود سومرو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا ناصر خالد محمود سومرو چيو ته شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جا جان نثار زندهه آھن ان جو مشن جاري ۽ ساري رھندو، شھيد جون خدمتون ناقابل فراموش آهن، لاڙڪاڻو ھاڻي شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي چاهيندڙن جو قلعو بڻجي چڪو آهي، شھيد اسلام ڪانفرنس ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو. سليڪٽيڊ، نالائق ترين، بدترين حڪومت جو وڌيڪ رھڻ عوام لاءِ عذاب آھي، ملڪ جي مظلوم عوام پاڻ کي اڪيلو نه سمجھي، شھيد بابا جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين.نااهل نالائق سليڪٽڊ حڪمرانن جي گھيراءُ جي لاءِ مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ عوام کي روڊن تي نڪرڻو پوندو، ڌانڌلي سان عوام تي مسلط ڪيل سليڪٽڊ، نااهل حڪمرانن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.